خياري شريف کنياريون

خياري شريف/کنياريون: ضلعي نوابشاهه ۾ خياري/کنياريون نالي ٻه ڳوٺ مشهور آهن. هڪ تعلقي نوابشاهه ۾ ’خياريون‘ يا ’کنياريون‘ نالي پراڻو ڳوٺ ۽ ٻيو تعلقي سڪرنڊ ۾ ’خياري شريف‘ جو نئون ڳوٺ.
ماضيءَ ۾ هن ڳوٺ جو اُچار ’کنياري‘ ڪيو ويندو هو، پر موجوده دور ۾ عام لکپڙهه ۾ خياري/خياريون ڪم اچي ٿو.
کنيارين/خيارين جو پراڻو ڳوٺ نوابشاهه ريلوي اسٽيشن کان ڏکڻ اوڀر طرف هڪ ميل جي پنڌ تي ريلوي پٽڙيءَ جي ويجهو واقع آهي، جيڪو هاڻي ڳوٺ ’لونگ ڪيريو‘ سڏجي ٿو. جڏهن اڃا نوابشاهه جو شهر به نه ٻڌو هو ته هتي ’کنياريون‘ ڳوٺ آباد هو.
انگريز سرڪار اوائل ۾ هن علائقي ۾ ضلعي حيدرآباد لاءِ ’کنياريون‘ نالي هڪ تعلقو قائم ڪيو هو، جيڪو پوءِ ’نصرت تعلقي‘ جي نالي سان سڏيو ويو. ان تعلقي جو هيڊ ڪوارٽر 07-1906ع ۾ هن ڳوٺ ’کنياريون‘ ۾ هوندو هو، پوءِ ان کي نوابشاهه شهر ۾ منتقل ڪري ’تعلقو نواب شاهه‘ نالو ڏنو ويو. انگريزن هتي ابتدا ۾ ريلوي اسٽيشن به ٺاهڻ چاهي ٿي، جنهن جو ابتدائي تعميراتي ڪم به هليو هو ۽ اهڙا نشان هتي اڃا موجود آهن. بعد ۾ هڪ ميل اڳتي، ’نوابشاهه‘ ريلوي اسٽيشن تعمير ڪئي وئي.
’خياري شريف‘ نالي نئون ڳوٺ، نوابشاهه شهر کان ڏکڻ اولهه طرف 7 ڪلو ميٽر پري، کڏهر روڊ سان تعلقي سڪرنڊ ۾ آهي، جنهن جو ٻيو نالو ’ميان شورا‘ آهي. هتي مخدوم ميان محمد يوسف جي درگاهه، عام زيارتگاهه بڻيل آهي، درگاهه جو گادي نشين نوجوان اديب حماد الله خياروي آهي، جنهن ’ح-خ‘ جي نالي سان هڪ ناول ’ڄام شوري جو ڀاڪر‘ لکيو آهي. هتي ناميارو عالم، سياسي، اڳواڻ ۽ حڪيم محمد معين کنياروي به ٿي گذريو آهي، جنهن سان گڏجي، 1920ع ۾ سائين جي. ايم سيد، ’لاڙڪاڻي خلافت ڪانفرنس‘ ۾ شرڪت ڪئي هئي. نوابشاهه جو مشهور استاد ۽ شاعر، ’ضياءَ خياروي‘ به هتان جو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو